اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪشمير جي اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن پاڪستان پاران جمعي ڏينهن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي طور تي ملهائڻ جي فيصلي جي آج??ان ڪئي آه??. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ويب??نا?? جو اهتمام ڪشمير جي حامي گروپن ڪيو هو ۽ ان کي ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ پاڪستان جي ناليوارين شخصيتن خطاب ڪيو. ان موقعي تي مقررين والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادياتي تبديلي جي ڪڌي ڀارتي راند جي مذمت ڪئي ۽ تنبيهه ڪئي ته جيڪڏهن مودي جي آبادڪاري جي منصوبي کي نه روڪيو ويو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن کي نقصان پهچي سگهي ٿو. هنن چيو ته ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد دنيا کي اهو ??يغ??م ڏيڻ آه?? ته ڪشميري فسطائي ڀارتي حڪومت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدم کي رد ڪن ٿا ۽ اهي آزادي جي جدوجهد کي سمورين مشڪلاتن جي باوجود منطقي انجام تائين پهچائيندا. هنن ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي کي گڏيل قومن تي چماٽ ق??ار ڏنو جنهن ڄمون ۽ ڪشمير کي تڪراري علائقو قرار ڏئي رکيو آه?? ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حوالي سان ڪيتريون ئي قرردادون پاس ڪيون آه??. ويب??نا?? کي خطاب ڪندڙن ۾ عبدلرشيد ترابي، ڊاڪٽر محمد نفيس ذڪريا، نجم ثاقب، مختار احمد بابا، ايڊووڪيٽ نبيلا ارشاد، راجا محمد سجاد خان ۽ بلال شڪي شامل هئا.