اسلام آباد – 18 – ??گس?? (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ اي??ان?? خابرو اداري اسلامڪ ريپبلڪ ني??ز ايجنسي (ارنا) ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪري ڇڏيون. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اختر منير ۽ پاڪستان ۾ ايران جي سفير محمد علي حسيني منعقد تقريب ۾ پنهنجي پنهنجي ملڪن جي قومي خابرو ادارن پاران مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ دوري تي موجود ايران جي رست?? ۽ ??هري ترقي وارو وزير رسم قاسمي پڻ ان موقعي تي موجود هئا. مفاهمت جي ياداشت تحت ٻئي خابرو ادارا خبرن، وڊيوز ۽ تصويرن جي مٽاسٽا کانسواءِ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ اسٽاف جي گڏيل پيشيواراڻي تربيت جو اهتمام پڻ ڪندا.