سرينگر – 31 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ق??ئد حريت ۽ تحريڪ آزادي ڪش??ير جي علامت سيد علي گيلاني سدائين ڪش??ير تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب حل ڪرڻ جي وڪالت ڪئي آهي. ڪش??ير ميڊيا سروس موجب سيد علي گيلاني سڄي زندگي ڄمون ۽ ڪش??ير جي عوام جي خودمخت??ار?? جو حق حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ جدوجهد ڪئي. پنهنجي ڪيترين ئي تقريرن ۽ خطابن ۾ هن چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪش??ير هڪ تڪراري علائقو آهي ۽ ڪشميرين کي اهو فيصلو ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي ته اهي ڀارت سان گڏ رهڻ چاهين ٿا يا پاڪستان سان الحاق ڪرڻ چاهين ٿا. هن جو چوڻ هو ته ڪشميري ڀارت کان عليحدگي جو مطالبو نه ڪري رهيا آهن پر ڄمون ۽ ڪش??ير جي آزادي چاهين ٿا جيڪو ڪڏهن ڀارت جو حصو ناهي رهيو.