اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي تيز رفتار اقتصادي ترقي جي لا??ِ اعليٰ تعليم کي انتهائي اهميت ڏيڻ جي ض??ورت تي زور ڏيندي چي?? ته هو واضح قانونن کي لاڳو ڪرڻ، انهن جي سخت ?? منصفاڻي لاڳو کي يقيني بڻائڻ سميت انصاف جي فراهمي ۽ خوداحتسابي کي فروغ ڏيڻ سان بدعنواني جي حوصلا شڪني ڪري سگهجي ٿي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هتي ايوان صدر ۾ انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس (آءِ سي ايم اي) جي ميمبرن جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آءِ سي ايم اي پاڪستان جو صدر شهزاد احمد ملڪ ۽ اڪائونٽنگ اينڊ مالياتي شعبي جي ميمبرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. صدر پيشيواراڻي تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي چي?? ته ادارن کي مهارت تي ٻڌل ۽ پيشيواراڻي تعليم جي لا??ِ موثر قدم کڻڻ گهرجن. هن چي?? ته گريجوئيٽس ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چي?? ته پاڪستان کي تربيت يافته انساني وسيلن ۽ پيشيواراڻي مانهن جي ض??ورت آهي، جن ۾ ڪاسٽ ۽ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس به شامل آهن. ڊاڪٽر عارف علوي ادارن تي زور ڏنو ته اهي يونيورسٽي مان فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ پيشيور ماڻهن جي انگ ۾ اضافو ڪن. هن چي?? ته پيشيواراڻي ادارن کي وڌ کان وڌ گريجوئٽس پيدا ڪرڻ گهرجن. ڇو ته انڊسٽري ۽ مارڪيٽ ۾ هنرمند پيشيور ماڻهن جي ض??ورت آهي. صدر پاڪستان ۾ ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس تيار ڪرڻ تي آءِ سي ايم اي کي ساراهيندي چي?? ته ڪرپشن ۽ ميرٽ جي پائمالي سان ادارن ۽ ملڪ ۾ ٻاڙائي پيدا ڪئي وئي. هن چي?? ته بدعنواني اولهه ملڪن ۾ به آهي. ڪورونا وائرس جي وبا دوران هڪ اولهه ملڪ ۾ ماڻهن جعلي دستاويزن تي اجرت جي دعويٰ ڪئي. هن چي?? ته مالياتي ڏوهن جو اصل سبب ڏوهارين سان اهلڪارن جي ملي ڀڳت آهي. هن ڪرپشن کي روڪڻ جي ض??ورت تي زور ڏيندي چي?? ته انصاف جي فراهمي ۽ خود احتسابي سان بدعنواني جي حوصلا شڪني جي راهه هموار ٿيندي. صدر مالياتي ۽ اڪائونٽنگ جي شعبي سان واڳيل ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي معيشت جي دستاويزن ۾ مدد فراهم ڪرڻ، چوري ۽ ٽيڪس کان بچڻ جي حوصلا شڪني، بدعنواني تي ض??بطو آڻڻ ۽ حڪومت کي منصفاڻي ٽيڪس ۽ اوڳاڙيون پيدا ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪن. هن شاگردن کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لا??ِ ملڪ ۽ ضرورتمند ماڻهن جي خدمت جو جذبو رکن. ان کان اڳ صدر فارغ ٿيندڙ شاگردن ۾ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽس ورهايا.