اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (پي آءِ ايس پي) تحت هلندڙ سال مئي کان آڪٽوبر تائين ??ينظير ڪفالت پروگرام ذريعي حقدارن ۾ تقريبن 49.84 ارب رپيا ورهائجي چڪ?? آهن. ڪفالت پروگرام مان لاڀ حاصل ڪندڙن جو انگ جيڪو هڪ غير مشروط ڪيش ٽرانسفر (يو سي ٽي) قدم آهي، کي ??ئي کان آڪٽوبر دوران 7.2 ملين مان وڌائي 8.5 ملين ڪيو ويو آهي. سرڪاري ذريعن ٻُڌايو ته ان وقت ڪفالت پروگرام ۾ داخل رجسٽرڊ حقدارن جو انگ تقريبن 8.58 ملين ??هي جيتوڻيڪ موجوده حڪومت جون 2023ع تائين ??ن جي انگ کي 9 ملين ??ائين وڌائڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. بي آءِ ايس پي بورڊ ويجهڙ ۾ ئي ان پروگرام تحت کدڙن فقيرن کي شامل ڪرڻ لاءِ هڪ پاليسي جي منظوري ڏني آهي جنهن لاءِ کين نادرا مان شناختي ڪارڊ فارم حاصل ڪرڻو پوندو جنهن ۾ واضح طور ان جي جنس کي ”ٽرانس جينڊر“ درج ڪيو ويو آهي. ٽارگ??ڊ پيٽروليم سبسڊي پروگرام جي باري ۾ ذريعن ??اي پي پي“ کي ??ُڌايو ته مئي کان آڪٽوبر 2022ع تائين ??نهن قدمن تحت 8.67 ملين ??قدارن ۾ تقريبن 17.35بلين ??ي رقم ورهائجي چڪي آهي. هي قدم غريب ۽ ڪمزور خاندانن کي ??ارڻ جي وڌندڙ قيمتن جي اثرن کان بچائڻ لاءِ شروع ڪيو ويو هو ته جيئن بي آءِ ايس پي جي موجوده باقائده لاڀ حاصل ڪندڙن سان نيشنل سوشل اڪنامڪ رجسٽري ڊيٽا بيس جو استعمال ڪندي واڌو فائدو حاصل ڪندڙن کي 2 هزار رپيا وڌيڪ نقد سبسڊي فراهم ڪري سگهي. فلڊ رليف پروگرام جي باري ۾ ذريعن ٻُڌايو ته آگسٽ کان آڪٽوبر تائين ??ي وزيراعظم جي فلڊ رليف ڪيش اسسٽنس پروگرام تحت ان سال تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر ٿيل تقريبن 2.76 ملين ??اندانن ۾ تقريبن 69 ارب رپين ??ي رقم ورهائجي چڪي آهي. بي آءِ ايس پي جي ذريعي سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ في خاندان 25 هزار رپين ??ي فوري ۽ روڪ رقم ورهائي وئي. بينظير تعليم وظيفه پروگرام تحت جيڪو هڪ مشروط ڪيش ٽرانسفر (سي سي ٽي) مداخلت آهي. ذريعن ٻُڌايو ته هن پروگرام جي شروعات کان هن وقت تائين 10.5 ملين ٻارن کي داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڄاڻايل مُدي يعني مئي کان آڪٽوبر تائين 1.8 ملين ٻارن جي داخلا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ان عرصي دوران 15 ارب رپين ??ي رقم تعليمي وظيفي طور ورهائي وئي آهي. هي پروگرام ان ڳالهه کي تسيلم ڪندي شروع ڪيو ويو هو ته بي آءِ ايس پي کان فائدو حاصل ڪندڙ گهراڻن ۾ ڪيترائي ٻار اسڪول نه وڃي رهيا آهن. سال 2012ع ۾ بي آءِ ايس پي جي حقدار خاندانن کي ??رائمري تعليم جي حاصلات لاءِ في ٽه ماهي واڌو رقم فراهم ڪئي آهي. جولاءِ 2021ع کان پروگرام جو دائرو پرائمريءَ کان سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري تائين پکيڙيو ويو آهي ۽ في الحال سڄي ملڪ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. سي سي ٽي بينظير نشوونما پروگرام جي باري ۾ سرڪاري ذريعن ٻُڌايو ته مئي کان آڪٽوبر 2022ع تائين ??اخل حقدارن ۾ ڪل 162964000 رپيا ورهائجي چڪ?? آهن. ان پروگرام جو مقصد ڳورهاري ۽ کير پياريندڙ عورتن (پي ايل ڊبليو) ۽ ان جي 2 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي اسٽنٽنگ کي ??ُنهن ڏيڻ لاءِ 2 هزار في پي ايل ڊبليو في ٽه ماهي واڌو رقم جي فراهمي بي آءِ ايس پي جي حقدار ڪٽنبن جي 25 هزار في ٽه ماهي لاءِ آهي. ان جي بدلي ۾ مائرن کي حمل دوران باقاعدگيءَ سان پيدائش کان اڳ صحت جي جاچ ۽ آگاهي سيشنن ۾ شرڪت ڪرڻ، خصوصي غذائيت سان ڀرپور خوراڪ جو استعمال ڪرڻ ۽ پنهنجن ٻارن کي حفاظتي ٽُڪن ۽ صحت جي باقائده جاچ لاءِ وٺي وڃڻ جو عهد ڪرڻ گهرجي. بينظير انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پراجيڪٽ (بي يو ايس پي) جي موجوده صورتحال جي باري ۾ ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته اسڪالرشپ تحت 10 هزار شاگردن جي داخلا جو انرولمينٽ جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي. مالي سال 22-2021ع لاءِ رکيل 7.346 بلين ??پين ??و پورو بجيٽ مئي 2022ع ۾ جاري ڪيو ويو هو موجوده مالي سال سيپٽمبر 2022ع ۾ مخصوص ڪيل رقم 9.27 بلين ??پين ??ي ڪل بجيٽ مان 2.24 بلين ??پين ??ي وڌيڪ رقم جاري ڪئي وئي. هائر ايجوڪيشن ڪميشن سڄي پاڪستان جي سمورن 132 يونيورسٽين کي رقم فراهم ڪرڻ جي عمل ۾ آهي.