جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد الجاسر جنيوا ۾ ملاقات ڪئي. ملاق??ت ۾ وزي??اع??م محمد شهباز شريف محمد الجاسر جي ڪانفرنس ۾ شرڪت تي آجيان ڪئي. وزي??اع??م اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر کي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان تباهي ۽ حڪومت جي ٻوڏ سٽيلن جي بح??لي لاءِ قدمن کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر وزي??اع??م کي پاڪستان سان ٻوڏ سٽيلن جي بح??لي لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ جي لاءِ پاڪستان انتهائي اهميت رکندڙ ملڪ آهي، اسلامي ڊيولپمينٽ بئنڪ مصيبت ۾ ورتل پاڪستاني ڀينرن ڀائرن جي پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي مدد ڪندو رهندو. وزي??اع??م شهباز شريف ڊاڪٽر محمد الجاسر جا ٻوڏ سٽيلن جي مدد ۽ پاڪستان سان تعاون تي ٿورا مڃيا ۽ کيس حڪومت جي پاڪستان ۾ درآمدي ٻارڻ تي دارومدار کي گهٽ ڪري قابل تجديد توانائي جي ذريعن تي آڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزي??اع??م شهباز شريف محمد الجاسر کي حڪومت جي 10 هزار ميگاواٽ جي سولر منصوبي بابت پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو جنهن سان حڪومت نه رڳو گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪري سگهندي پر درآمدي ٻارڻ جو بل پڻ تمام گهٽ ٿيندو.