اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف ترڪيه ۾ شديد زلزلي سبب ٿيل نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ت??زي??ي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان قيمتي جانين جي زيان تي ت??زي?? جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم زلزلي سبب فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته ??اڪ??تاني حڪومت ۽ عوام مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن. ترڪيه هر مشڪل ۾ سدائين ??اڪ??تان جو ساٿ ڏنو آهي. ??اڪ??تان پنهنجي ڀائر ملڪ ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت جي هر ممڪن مدد ڪندو. وزيراعظم چيو ته قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين سان تباهي جا وڌندڙن واقعا پوري دنيا جي لاءِ خطري جي گهنٽي آهي. اهو انسانيت ۽ سڄي دنيا جي بقاءَ جو معاملو آهي. وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو ته قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين سان تباهي ڪنهن ملڪ يا خطي تائين محدود ناهي رهي.