اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان شام ۾ زلزلي ??ي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقص??نن تي گهري افسوس جو اظهار ڪندي ڀا??ر ملڪ کي هر ممڪن امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام شام ۾ ايندڙ هڪ ٻئي پٺيان ٻن زلزلن جي ڪري وڏي پئماني تي تباهي تي انتهائي ڏک ۽ صدمي ۾ آهي. ترجمان چيو ته اسان سوڳوار خاند??نن سان دلي ??عزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪريون ٿا. پاڪستان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي شامي ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ?? امدادي سرگرمين ۾ هر ممڪن تعاون جي لاءِ تيار آهي.