اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان والاريل فلسطين جي اولهندي ڪناري جي علائقي ۾ بستين کي قانوني حيثيت ڏيڻ جي اسرائيل جي فيصلي جي مذمت ڪئي آ??ي. ??رڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان اولهندي ڪناري جي والاريل فلسطيني علائقي ۾ 9 بستين کي قانوني حيثيت ڏيڻ جي اسرائيل جي تازي فيصلي جي شديد مذمت ڪري ٿو. اها عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهي. اهو قدم فلسطيني عوام جي حقن کي وڌيڪ پائمال ڪري ٿو. ترجمان چيو ته غيرقانوني ۽ غيرمنصفاڻو اسرائيلي قدم ڇڪتاڻ صورتحال کي وڌي?? بگاڙيندو ۽ خطي ۾ امن جي امڪانن کي نقصان پهچائيندو. عالمي برادري کي اسرائيل کي اهڙيون حالتون ??يدا ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪرڻيون ??ونديون جيڪي ٻه رياستي حل حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽون بڻيون. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام ۽ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت کي ورجائي ??و ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ??و جنهن جو گادي وارو شهر اوڀر بيت المقدس هجي.