اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سينيگال سا?? و??پا??، معيشت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مفادن جي لاءِ ٻطرفي و??پا?? ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ڀرپ??ر صلاحيت موجود آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سينيگال ۾ پاڪستان جي نامزد سفير صائمه سيد سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سينيگال کي اولهندي آفريقي خطي ۾ هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو جنهن سا?? ٻطرفي و??پا?? کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششون ڪيون وڃن. هن نامزد سفير تي زور ڏنو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وزارتي سطح تي ٻطرفي مٽاسٽا جي انتظامن لاءِ ڪم ڪري. صدر ڪيترن ئي سا??ن کان ڊاڪار ۾ ٿيندڙ و??پا??ي ميلن (ڊاڪار انٽرنيشنل ٽريڊ فيئر) ۾ پاڪستاني و??پا??ين جي شرڪت تي اطمينان جو اظهار ڪندي وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جي نمائشن سا?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ و??پا??ي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. هن نامزد سفير کي چيو ته هو ٻطرفي و??پا??ي ڪاٿي کي وڌائڻ جي لاءِ لاڳاپيل وزارتن سا?? گڏجي وڌيڪ و??پا??ي نمائشن جو اهتمام ڪري. صدر پاڪستان ۽ سينيگال جي وچ ۾ تعليم جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو ته هن وقت 8000 غيرملڪي شاگرد ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان جي مختلف پروگرامن ۾ تعليم هيٺ آهن ۽ سينيگال جا شاگرد به ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم مان فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر نامزد سفير کي اهو به چيو ته هو ڀارت جي اقليت مخالف ۽ مسلم دشمن پاليسين سا?? گڏوگڏ 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خلاف جاري دهشتگردي کي پڻ اجاگر ڪري.