اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وجهي غيرآئيني طور تي اليڪشن جي تاريخ وٺڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، صدر عارف علوي جي وفاداري آئين سان هجڻ گهرجي. جاري پنهنجي هڪ ??يان ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، عمران خان جي ٽائيگر فورس بڻجڻ نه ڏينداسين. اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته صدر عارف علوي آئين شڪن?? ڪئي ته آرٽيڪل 6 کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته صدر عارف علوي جي وفاداري آئين سان هجڻ گهرجي. هن چيو ته عارف علوي قومي اسيمبلي تحليل ڪري اڳ ۾ ئي بظاهر آئين شڪني ڪري چڪو آهي. وفاقي ??زير چيو ته سپريم ڪورٽ جي تشريح موجب صدر جو عهدو علامتي آهي، سپريم ڪورٽ موجب ڪنهن هڪ ??ياسي پارٽي سان ڳٺ جوڙ صدر جي منصب ۽ حلف جي خلاف ورزي آهي.