اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وفاقي حڪومت اخبار?? ۽ ??سالن کي هدايت ڪئي آهي ته قرآن پاڪ جي تعظيم کي سختي سان مم??ن بڻايو وڃي، قرآن حڪيم جي ڪنهن نسخي يا اقتباس جي ڄاڻي واڻي بي حرمتي جي سزا عمر قيد آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پبليڪيشنز کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته اخبارن ۾ شايع ٿيڻ کانپوءِ قرآني آيت?? ۽ ??نهن جي ترجمن جي بي حرمتي ٿئي ٿي جيڪا انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي ۽ اهو عمل قرآن مجيد جي بي حرمتي بابت ڏوهن بابت موجود قانونن جي خلاف ورزي به آهي. پاڪستان پينل ڪوڊ 295 پي ڪي شق XV جو حوالو ڏيندي خط ۾ چيو ويو آهي ته قرآن پاڪ جي نسخي يا ان جي ڪنهن به اقتباس جي ڄاڻي واڻي بي حرمتي ڪرڻ يا ان کي ڪنهن توهين آميز طريقي يا ڪنهن غيرقانوني مقصد جي لاءِ استعمال ڪرڻ ڏوهه آهي جنهن جي سزا عمر قيد آهي. اطلاعات واري وزارت اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي درخواست ڪئي آهي ته اخبار?? ۽ ??سالن ۾ قرآن پاڪ ۽ حديث نبوي ﷺجي حرمت، مقدس هستين جي اسم?? ۽ ??قدس جاين جي تصويرن جي تحفظ جي حوالي سان رهنما اصولي جاري ڪيا وڃن جنهن جي جواب ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جيڪو هڪ آئيني اداري هجڻ سان گڏ حڪومت ۽ پارليامينٽ کي اسلامي مسئلن تي قانوني مشورو ڏيڻ جو ذميوا?? ادارو آهي، دليل ڏني آهي ته اشتهارن ۾ قرآني آيت?? ۽ ??قدس نالن کي شايع ڪرڻ ۾ ڪو حرج نه آهي ڇو ته ان جو مقصد ع??ام تائين معلومات کي پهچائڻ آهي. اسلامي نظرياتي حڪومت تي زور ڏنو ته اها اخبار?? ۽ ??شتهارن ۾ شايع ٿيندڙ مقدس مواد جي تعظيم کي يقيني بڻائي ۽ ع??ام کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي، ان ڏس ۾ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي (اي پي اين ايس)، ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن سان اجلاس منعقد ڪيا ته جيئن ميڊيا نمائندن کي ان حوالي سان آگاهه ڪري سگهجي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي رهنما اصولن کي نظر ۾ رکندي اطلاعات واري وزارت سمورين اخبار?? ۽ ??سالن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي اخبار?? ۽ ??سالن ۾ مقدس صحيف?? ۽ ??قدس مواد جي تحفظ ۽ احترام کي يقيني بڻائين.