اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 13 اپريل تي ثمرقند ۾ منعقد ٿيندڙ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين ا??لاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪند??. پ??ڏيهي آفيس موجب افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي مملڪتي وزير ٻين شريڪ وفدن جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندي. افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جو مڪينزم 2021ع ۾ پاڪستان جي قدم تي قائم ڪيو ويو هو جنهن جو مقصد افغانستان جي صورتحال تي عل??ئقائي موقف کي تيار ڪرڻ آه??. پ??ڪستان 8 سيپٽمبر 2021ع تي پاڙيسري ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي پهرين ا??لاس جي ميزباني ڪئ??. پ??ڪستان نومبر 2021ع ۾ ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ ٿيندڙ ٻئي اجلاس ۽ مارچ 2022ع ۾ چين جي شهر تونشي ۾ منعقد ٽئين ا??لاس ۾ شرڪت ڪئ??. پ??ڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهو طريقيڪار افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو جيڪي افغانستان جي صورتحال جون سڌوسنئون ڌريون آهن. بيان موجب پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم، خودمختيار، خوشح??ل ۽ منسلڪ افغانستان جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.