اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور هڪ باعمل عالم، نيڪ صالح ۽ ايماندار انسان، عظيم رهبر ۽ بهترين سياستدان ه??، سندس شخصيت سادگي جو عملي نمونو هئي?? رڳو هڪ سال جي مختصر عرصي ۾ هن اسان جي مٿان گهرا نقش ڇڏيا آهن، اهڙا ماڻهو اڄ ڳولڻ سان به نه ٿا ملن. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ مفتي عبدالشڪور کي خراج عقيدت پيش ڪندي هن چيو ته مفتي عبدالشڪور جو دين سان گهرو لڳاءُ هو، عملي طور تي هو عظيم رهبر، باعمل عالم ۽ بهترين سياستدان ه??، پنهنجي علائقي ۾ مسجد سان گڏ ان جو ننڍو گهر هو، هن پنهنجي چونڊ مهم به موٽرسائيڪل تي هلائي ۽ م??ڻهن ان جي شخصيت کان متاثر ٿي ان کي چونڊيو، جڏ??ن فيصلو ڪيو ويو ته مشڪل معاشي صورتحال جي ڏس ۾ ڪابينا جا ميمبر به پنهنجي پگهارن ۽ م??اعتن مان پنهنجو حصو وجهن ته مفتي صاحب مون کي ايمان جي طاقت جي زور تي انتهائي خلوص سان چيو ته وزيراعظم صاحب آئون اها ڪٽوتي نه ڪرائي سگهندس، هن مرد مومن بنا ڪنهن ??ٻڪ جي پنهنجي معاشي حالتن بابت مون کي ٻڌايو، اهڙا ماڻهو اڄ ڳولڻ سان به نه ٿا ملن، انهن کي جيترو به خراج عقيدت پيش ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي، هو هڪ عظيم شخصيت ۽ سادگي جو عملي نمونو هو، ان جي لاڏاڻي تي اسان سڀ ڏکويل آهيون، هو جي يو آءِ (ف) جي مٿي جو جهومر هو.