اسلام آ??اد – 20 – اپريل (اي پي پي) افغانستان ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن عبيد نظاماڻي ڪابل ۾ واپس پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو عمل افغان عبوري حڪومت سان ويجهي ??شا??رت کانپوءِ ممڪن ٿيو آهي. ترجمان چيو ته 15 اپريل تي وقتي افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ پاڪستان جي سفارتي مشنز ۽ اهلڪارن جي حفاظ?? جي حوالي سان افغان عبوري حڪوم?? جي ضرورت ۽ ذميوارين جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته عبيد نظاماڻي ۽ ان جي ٽيم کي اسان جون نيڪ خواهشون ۽ تعاون حاصل آهي.