اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 5 کان 13 جون تائين ناروي، سوئيڊن، ڊيمنارڪ ۽ بيلجيئم جو سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته مملڪتي وزير ترقي، واپار ۽ موسمياتي ??بديلي جي چئلينجز ۽ مسئلي بابت تعاون تي ??يالن جي ڏي وٺ لاءِ وزارتي ??طح تي ??جلاسن ۾ شرڪت ڪندي. هوءَ قانونسازن ۽ مقامي واپارين سان پڻ ملاقات ڪندي. حنا رباني کر بيلجيئم ۾ يورپي پارليامينٽ ??ي ميمبرن ۽ يورپي ڪميشن جي ??ينيئر عملدارن سان ملاقاتون ڪندي. سوئيڊن ۾ مملڪتي وزير پرڏيهي ??اڳ??پن بابت يورپي ڪائونسل جي ??الياني اجلاس ۾ اهم خطاب ڪندڙ طور شرڪت ڪندي. هوءَ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندي ۽ پرڏيهي پاليسي جي ??رجيحن ۽ چئلينجز تي ??حث جي لاءِ يورپ جي ??هم فيصلاسازن، ماهرن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ اثررسوخ رکندڙ شخص??تن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي.