اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ بجلي جي پيداوار، رسد ۽ ورڇ جي بهتر??ءَ لاءِ 107 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وفاقي ڪابينه کان منظور??ءَ کان پوءِ وفاقي بجيٽ جي دستاويز قومي اسيمبل??ءَ ۾ پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ بجل??ءَ جي پيداواري صلاحيت 41 هزار ميگاواٽ تائين پهچي چڪي آهي، ان ۾ پن بجل??ءَ جو حصو 25 سيڪڙو آهي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ضروري آهيته بجلي جي پيداوار ۾ ملڪي وسيلن ۽ تجديد جوڳي توانائ??ءَ جو وڌ کان وڌ استعمال ڪري سگهجي ته جيئن ملڪي آمدني واپار کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ بجلي جي پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي، ان سان گڏوگڏ بجلي جي رسد جي نظام ۾ بهتري آڻڻ به حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهي. اسحاق ڊار چيو ته پي ايس ڊي پي ۾ وڌ کان وڌ رسد واري نظام جي بهتري آڻڻ به حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اسحاق ڊار چيو ته بجلي جي شعبي ۾ ڪوئلي مان هلندڙ ڄامشورو پاور پلانٽس 1200 ميگاواٽ جي تڪميل لاءِ اينڊڙ مالي سال ۾ 12 ارب رپين جي رقم رکي ويندي. پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ 500 ڪي وي ٽرانسميشن لائين جي منصوبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ 16 ارب رپيا رکڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. اين ٽي ڊي سي جي موجوده گرڊ اسٽيشنز ۾ گنجائش ۾ بهتري آڻڻ لاءِ 5 ارب رپيا، سڪي ڪناري، ڪوهالا ۽ محل هائيڊرو پلانٽ مان بجلي جي رسد لاءِ 13 ارب رپيا ۽ داسو هائيڊرو پاور پلانٽ مان بجلي جي رسد لاءِ 6 ارب رپيا فراهم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان پنهنجي توانائي جي ضرورتن لاءِ آمدني واپار تي ڀاڙي ٿو، ان آمدني واپار جي قيمت ۾ ناڻي واڌ جو هڪ اهم سبب آهي ۽ ان جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪرڻ لاءِ اسان جي حڪومت پاڪستاني ڪوئلي جي استعمال ۽ شمسي توانائي کي ه??ي ڏيارڻ لاءِ پختو ارادو رکي ٿي. ان سلسلي ۾ مختلف قدم کنيا پيا وڃن جن ۾ ڪوئلي تي ه??ندڙ بجلي جي ڪارڪنن جي ترغيب ڏني پئي وڃي ته هو مقامي ڪوئلو استعمال ڪن. اهڙ??ءَ طرح سولر پينلز، انورٽر ۽ بيٽريز ۽ خام مال کي ڪسٽم ڊيوٽي کان آجو ڪيو پيو وڃي. خام تيل، ريفائينڊ پيٽروليم شيون اسان جي توانائ??ءَ جي ضرورتن جو وڏو حصو آهن ۽ ماض??ءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا انهن شين جي کوٽ پ??دا ٿي آهي جنهن سان سپلاءِ چين ۾ رڪاوٽون آيون، هاڻي اهڙي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پيٽروليم شين لاءِ بانڊڊ بلڪ اسٽوريج جي پاليسي جاري ڪئي پئي وڃي، ان پاليس??ءَ تحت پرڏيهي سپلائر پنهنجي مالي وسيلن لاءِ بين الاقوامي منڊ??ءَ مان خام تيل ۽ پيٽروليم شيون پاڪستان گُهرائي بانڊڊ بلڪ اسٽوريج ۾ ذخيرو ڪندا. ضرورت وقت ريفائنري يا آئل مارڪيٽنگ ڪمپن??ءَ کي غير ملڪي سپلائر کان هي شيون خريد ڪرڻ جي اجازت هوندي.