اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جاپاني پرڏيهي وزير يوشيماسا هايا شي جي دعوت تي 2 کا?? 3 جولاءِ تائين جاپان جو سرڪاري دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته پرڏيهي وزير ٽوڪيو ۾ ج??پاني پرڏيهي وزير يوشيماسا هايا شي سان اه?? ڳالهه ٻولهه ڪندو. ٻئي پرڏيهي وزير ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ثقافت ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻئي اڳواڻ اه?? علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي، ڊگهي مدي و??رن فورمن ۾ تعاون ۽ مڪالمي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.