اسلام آباد -01 جولاءِ (ا?? پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمت?? جي شديد مذمت ڪندي چيو ته هن دردناڪ واقعي سان اربين مسلمانن جي جذبن کي تڪليف پهتي آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر مملڪت چيو ته هر رياست کي اهڙي اسلامو فوبيا تي ٻڌل ڪارروائين جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ گه??جن. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو هڪٻئ?? جي مذهبي عقيدن ۽ قدرن طرفان روادار?? پيدا ڪرڻ لاءِ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته انسانيت کي دنيا کي امن لاءِ متحد ڪرڻ ۽ اهڙي بي ت??ي نفرت انگيز ڪارروائين کان اڳ??ي نڪرڻ جي ضرورت آهي.