اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشم??ر ۾ شهرين جا عدالت کان مٿانهان قتل کي بند ڪري ۽ ڪشميري عوام جي خلاف طاقت جي انڌاڌند استعمال کان پاس?? ڪري. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان ممتاز زهره بلوچ پريس بر??فنگ ۾ چيو ته هن عيد تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشم??ر ۾ اسان جي ڀينرن ڀائرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر عيد جي خوشين ۾ شرڪت کان روڪيو ويو. هن چيو ته قابض عملدارن سرينگر جي ت??ريخي جامع مسجد ۽ مرڪزي عيدگاهه ۾ عيد جي نماز جي ادائيگي تي پابندي لڳائي ڇڏي، جامع مسجد جي مهتمم ۽ ناليوارو ڪشميري اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق آگسٽ 2019ع کان مسلسل گهر ۾ نظربند آهي ۽ هو 200 کان وڌيڪ هفتن کان جامع مسجد ۾ جم??ي جي اجتماعن کي خطاب نه ڪري سگهيو. ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته مير واعظ عمر فاروق کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ڪشميرين تي هنيل انهن پابندين کي ختم ڪيو وڃي جيڪي انهن کي آزادي سان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ کان روڪين ٿيون. ترجمان چيو ته هلندڙ هفتي اسان ڪشميري نوجوان اڳواڻ بر??ان مظفر واني کي پڻ ياد ڪريون ٿا، جنهن جي ستين ورسيءَ 8 جولاءِ تي ملهائي ويندي. بر??ان واني انهن سوين ڪشميري نوجوانن مان هڪ هو جيڪو ڀارتي قابض فوج جي هٿان عدالت کان مٿانهون قتل جو نشانو بڻيو. هن چيو ته ڪشميري عوام جي مقامي ت??ريڪ آزادي جي آواز جي طور تي ان کي خراج عقيدت پيش ڪندي اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کان مطالب?? ڪريون ٿا ته اها عدالت کان مٿانهان قتل بند ڪري ۽ ڪشميري عوام جي خلاف طاقت جي انڌانڌند استعمال کان پاس?? ڪري.