اسلام آباد – 17 ??? ج??لاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سو??ر ڏينهن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل س??ئن??ز اسلام آباد ۾ نيشنل ڪينسر اسپتال ۽ اسلام آباد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون جي پيڙهه جو پٿر رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نيشنل ڪينسر اسپتال ۾ اسلام آباد، راولپنڊي سان گڏوگڏ ڀرپاسي جي علائقن بشمول گلگت بلتستان ڪشمير، خيبرپختونخواهه ۽ ضم ٿيل ضلعن جا ماڻهو به ان موذي مرض جي عالمي معيار جي علاج مان فائدو کڻي سگهندا. وزيراعظم ان م??قع?? تي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اسلام آباد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون جي پيڙهه جو پٿر رکندو. اسلام آباد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملڪ جي صنعتي ترقي جي ويزن موجب ملڪ جي اترئين حصي ۾ مقامي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن کي صنعتون قائم ڪرڻ جو م??قع?? ڏيندو. ان اڪنامڪ زون سان روزگار جا 10 هزار کان وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.