اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته غيرملڪي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ??ان??ني دستاويز ۽ ويزا کان??وا??ِ غيرمحدود عرصي تائين پاڪستان ?? رهي نٿا سگهن، غير??ان??ني ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ جي حوالي سان پاڪستان تي تنقيد ٻاهرئين ملڪن مان ٿي، اسان رڳو اهڙن غيرملڪين کي پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ جي لاءِ چيو، جن وٽ دستاويز يا ويزا موجود نه آهن. ”هم نيوز“ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ?? اٽڪل 20 هزار اهڙا افغاني موجود آهن جن آمريڪي اتحادي فوج سان ??ڏ ڪم ڪيو، افغان حڪومت اڃان تائين انهن 20 هزار افغانين کي پاڻ وٽ منتقل نه ڪري سگهي. هن چيو ته غير??ان??ني ٻاهرئين ملڪ رهندڙن سان دنيا ۾ جيڪو سلوڪ ٿئي ٿو، اهو سڀ ڄاڻين ٿا جڏهن ته غير??ان??ني رهندڙ ماڻهن جي حوالي سان پاڪستان جو رڪارڊ دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام بهتر آهي. هن چيو ته پاڪستان ?? لکن جي انگ ۾ افغان شهري ??ان??ني طور تي موجود آهن جن کي صحت، تعليم ۽ ڪاروبار سميت سموريون سهولتون ميسر آهن. هن چيو ته جن غيرملڪين وٽ لاڳاپيل دستاويز يا ويزا نه آهن، اسان رڳو انهن کي پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ جي لاءِ چيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ??ي آخرڪار فيصلو ته ڪرڻو پوندو ته غيرملڪي پاڪستان جي اندر ڪهڙي حيثيت سان ??يتري دير تائين رهي سگهن ٿا، غيرملڪي افغان شهري هجن يا ڪي ٻيا، اهي ويزا کان??وا??ِ غيرمحدود عرصي تائين هتي نٿا رهي سگهن.