اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) شريف ۽ زرداري خاندان سميت ملڪ جي ڪيترن ئي اهم سياستدان جا رت جا رشيدار اڄ خميس ڏينهن ٿيندڙ عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي مختلف تڪن تان اميدوار آ??ن. ??ولانا فضل الرحمان ۽ سندس ٻه پٽ، اڳوڻو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سندس ٻه پٽ، پنجاب جو اڳوڻو گورنر مخدوم سيد ا??مد محمود جا ٽي پٽ عام چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. تفصيلن موجب اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جو قائد محمد نواز شريف قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 15 مانسهره ۽ اين اي 130 لاهور تان اميدوار آهي، جڏهن ته سندس ڌيءَ مريم نواز شريف لاهور مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 119 تان اميدوار آهي. اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جو صدر شهباز شريف قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 123 لاهور ۽ اين اي 132 قصور تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي، جڏهن ته سندس پٽ حمزه شهباز شريف لاهور مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 118 تان اميدوار آهي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 207 شهيد بينظير آباد تان اميدوار آهي جڏهن ته سندس پٽ ۽ پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اين اي 127 لاهور، اين اي 194 لاڙڪاڻو ۽ اين اي 196 شهدادڪوٽ تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي. اڳوڻو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 148 ملتان تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي جڏهن ته سندس پٽ سيد علي موسيٰ گيلاني اين اي 151 ملتان ۽ عبدالقادر گيلاني اين اي 152 ملتان مان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. جمعيت علماءُ اسلام (ف) جو سربراهه مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبلي جي ٻن تڪن اين اي 44 ڊيره اسماعيل خان ۽ اين اي 265 پشين مان اميدوار آهي جڏهن ته سندس پٽ مولانا اسعد محمود اين اي 43 ٽانڪ ۽ ٻيو پٽ اسجد محمود اين اي 41 لک مروت تان اميدوار آ??ن. ??نجاب جي اڳوڻي گورنر سيد ا??مد محمود جا پٽ مرتضيٰ محمود اين اي 169 رحيم يار خان، اين اي 173 رحيم يار خان تان سيد مصطفيٰ محمود ۽ اين اي 174 رحيم يار خان تان عثمان محمود چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آ??ن. ??نجاب جو اڳوڻو گورنر ذوالفقار خان کوسو جو پٽ دوست محمد خان کوسو اين اي 185 ۽ 186 جڏهن ته سندس پٽ سيف الدين کوسا اين اي 184 ڊيره غازي خان تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آ??ن. ??صور مان اين اي 134 تان رانا محمد حيات ۽ اين اي 135 تان رانا محمد ا??حاق چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا ??هن جيڪي ٻئي سڳا ڀائر آ??ن. ??ومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 150 ملتان تان اڳوڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو پٽ زين قريشي جڏهن ته اين اي 151 ملتان تان سندس ڌيءَ مهر بانو قريشي چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آ??ن. ??ومي اسيمبلي جي تڪ اين 94 چنيوٽ تان قيصر احمد شيخ جڏهن ته اين اي 237 ڪراچي ايسٽ تان سندس پٽ ريحان قيصر احمد شيخ چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آ??ن. ??ومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 62 گجرات تان موسيٰ الاهي ۽ اين اي 63 تان حسين الاهي اميدوار ??هن جيڪي چوڌري وجاهت حسين جا پٽ آ??ن. ??ومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 49 اٽڪ تان ميجر (ر) طاهر صادق اميدوار آهي جڏهن ته اين اي 50 تان سندس ڌيءَ ايمان طاهر چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 43 ٽانڪ ۽ اين اي 41 لڪي مروت تان ترتيبوار انور سيف الله ۽ سليم سيف الله خان اميدوار ??هن جيڪي پاڻ ۾ سڳا ڀائر آهن. ان کانسواءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ڪ??تر??ئي اميدوار پاڻ ۾ رت جا رشتيدار آهن.