پشاور – 06 – مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت برساتن ۽ برفباري جي متاثرين سا?? هر قسم جو تعاون ڪندي، سمورا ادارا گڏجي متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن ۾ حصو وٺن، اين ڊي ايم اي صوبائي انتظاميا سا?? گڏجي متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي. هن اها ڳالهه تازي طوفاني برساتن ۽ برفباري سا?? خيبرپختونخواهه ۾ نقصانن ۽ جاري ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن جي حوالي سا?? اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. هو هڪ ڏينهن جي دوري تي پشاور پهتو. ان موقعي تي وزير??عظ?? خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي سا?? گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽر اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، عطا تارڙ، امير مقام، مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ وزير??عظ?? کي تازي طوفاني برساتن ۽ برفباري جي نتيجي ۾ نقصانن ۽ جاري امداد ۽ بهالي جي قدمن بابت آگاهه ڪيو وي??. وزير??عظ?? کي صوبائي انتظاميا، پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته خيبرپختونخواهه ۾ تازي طوفاني برساتن ۽ برفباري جي نتيجي ۾ 40 ماڻهو فوت جڏهن ته 62 ماڻهو زخمي ٿيا جن ۾ 27 ٻار به شامل آهن. ان کانسواءِ 635 گهر مڪمل ۽ جزوي طور تباهه ٿيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته وزير??عظ?? جي خصوصي هدايت تي انهن طوفاني برساتن ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 20 لک، زخمي ٿيندڙن کي في فرد 5 لک، مڪمل تباهه ٿيل گهرن جي رهواسين کي 7 لک جڏهن ته جزوي طور متاثر گهرن جي رهواسين کي 3.5 لک رپيا ڏنا پيا وڃن. وزير??عظ?? کي ٻڌايو وي?? ته خيبرپختونخواهه ۾ سمورن وڏن رستن کي جزوي طور تي بحال ڪيو وي?? آهي جڏهن ته جن رستن تي برفباري ۽ ڇپُون اڃان به ڪرن پيُون انهن تي به ڪم جاري آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو وي?? ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ امڪاني برفباري جي حوالي سا?? پڻ ضلعي ۽ صوبائي انتظاميا ۽ اين ڊي ايم اي جي ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري مڪمل آهي. بريفنگ دوران وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته سمورا ادارا گڏجي طوفاني برساتن ۽ برفباري جي متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن ۾ حصو وٺن. ??ن چيو ته متاثرين جي مدد ۽ بحالي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي. هن اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته اها صوبائي انتظاميا سا?? گڏجي متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي. وزير??عظ?? شهباز شريف چيو ته متاثر گهرن جي رهواسين کي ايندڙ 5 ڏينهن ۾ امدادي رقم جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ وفاقي حڪومت متاثرين سا?? هر قسم جو تعاون ڪندي. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، اسحاق ڊار، خواجه آصف، عطا تارڙ، امير مقام، مرتضيٰ جاويد عباسي، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي.