اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جر??ني سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي موجوده سطح کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جرمن سيڙپڪاري ۾ اضافي جا وسيع امڪان موجود آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي جمهوريه جر??ني جي سفير ايمبيسڊر الفريڊ گراناس ملاقات ڪئي. وزيراعظم پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي جرمن چانسلر اولاف شولز جي مبارڪباد واري پيغام تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جر??ني سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ان کي يورپ ۾ پنهنجو هڪ اهم حصيدار تصور ڪري ٿو. وزيراعظم ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي موجوده سطح کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ جرمن سيڙپڪاري ۾ اضافي جا وسيع امڪان موجود آهن. وزيراعظم و??پاري وفد پاڪستان موڪلڻ جي قدم جي آجيان ڪئي ۽ جرمن سفير کي يقين ڏياريو ته وفد جي دوري جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر طرح جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن جرمن چانسلر کي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. جرمن سفير چيو ته جر??ني ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ مضبوطي جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.