اسلام آباد– 29 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ايرا?? جي گڏيل فائدي جي لاءِ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي وسيع گنجائش موجود آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ ايرا?? جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ??يو??ن صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ٻنهي ڀائر ملڪ?? جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن کي درپيش گڏيل چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو. ايراني سفير صدر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ايرا?? ۽ ??اڪستان ٻنهي جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتا آه?? جيڪي وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ واپاري ڪاٿي، ب??نڪنگ تعاو?? ۽ ??ضائي ۽ ڪاروباري رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سفير وڌيڪ چيو ته پاڪستان چاهه بهار – زاهدان ريل روڊ سان وچ ايشيا، يورپ ۽ ترڪيءَ سان واپاري جي لاءِ فائدو کڻي سگهي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ پاڪ ايران لاڳاپن کي نئين تحريڪ ملندي. هن ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي پاران صدر جي لاءِ مبارڪباد وارو پيغام پڻ پهچايو.