اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ 5 سالن ۾ ٽيڪس کي جي ڊي پي جي 15 سيڪڙو تائين وٺي وينداسين، سرڪاري ملڪيت جا ادارا خاص طور تي خساري جو شڪار ادارن جي سڌارن ۽ نجڪاري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، ٻاهرئين قرضن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پڻ هڪ ٺوس پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اقتصادي شعبي جي سڌارن تي اعليٰ سطحي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي ??زي??ن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، احسن اقبال، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، ??زي??اعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي اوڳاڙين، مالي خساري، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن، مٽاسٽا جي ناڻي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ??يو. اجلاس کي اوڳاڙين، سبسڊيز، بجلي جي شعبي جي سڌارن سان گڏوگڏ ??زي??اعظم جي حڪومتي خرچن گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان هدايتن تي عملدرآمد تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ??يو. ان موقعي تي ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته عامماڻهو تي بار وجهڻ کانسواءِ اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ ٺوس پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي. ??زي??اعظم چيو ته وفاق صوبن کي مضبوط ڪري 18 هين ترميم جون سموريون لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا صوبن جي حوالي ڪندو، مالي خساري کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي، ملڪ جي سمورن وڏن ايئرپورٽس تي سروسز جي بهتري جي لاءِ نجي آپريٽرز سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ڪئي ويندي. ??زي??اعظم چيو ته سرڪاري قرض ?? ترتيبوار گهٽتائي، پينشن ۽ سبسڊي سڌارن، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي سڌارن ۽ نجڪاري تي حڪومت جو ڀرپور ڌيان آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ باءِ پروگرام جي تڪميل خوش آئنده آهي، حڪومت آءِ ايم ايف سان ايندڙ پروگرام جي لاءِ پڻ ڀرپور محنت ڪندي. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته اقتصادي شعبي جي ترقي جي لاءِ عالمي شهريت يافته ماهرن جون خدمتون ورتيون وينديون.