اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) قطر جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي و??ير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز الخليفي پرڏيهي وزار?? پهچي ويو، پرڏيهي وزار?? پهچڻ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير محمد اسحاق ڊار قطر جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي و??ير جو استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس پارا?? جاري بيان موجب قطر جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي و??ير قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير جي خصوصي نمائندي طور پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. قطري پرڏيهي معاملن واري مملڪتي و??ير ۽ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي وچ ۾ باضابطا ڳالهه ٻولهه پڻ ٿيندي. پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ڊگهي مدي، وسيع البنياد ۽ ٻطرفا لاڳاپا قائم آهن.