اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ سعودي پرڏيه?? آفيس جو دورو ڪيو، سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قري??ي جو شاندار استقبال ڪيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ملاقات ڪئي. پرڏيه?? آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وچ اوڀر ۾ موجود ڇڪتاڻ ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عا??مي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.