اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان سان تعليم واري وفاقي وز??ر شفقت محمود ملاقا?? ڪئي آهي. ملاقات ۾ ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان پڻ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. ملاقات ۾ ملڪ ۾ تعليم جي فروغ خاص طور تي آن لائن تعليم، شاگردن کي ديني تعليم ۽ سائنسي علم طرف راغب ڪرڻ ۽ جديد تعليم جي حوالي سان بهتر موقعا فراهم ڪرڻ جي حوالي سان معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وز??راعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نوجوان شاگردن کي سيرت النبي صه ۽ پاڻ صه جي حيات طيبه جي روشن رخن، صحابه ڪرام رضه ۽ اسلامي تاريخ جي روشن باب کان روشناس ڪرائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن.