اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي سلامت?? جي معاملن بابت خاص صلاحڪار ??عي?? يوسف چيو آهي ته منهنجي خلاف غلط افواهون ڦهلايون پيون وڃن، مون وٽ پاڪستان کانسواءِ ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت ناه??، مان پاڪستان حڪومت کي پنهنجي شهريت بابت پهريان ئي قسم نامو جمع ڪرائي چڪو آهيان. پنهنجي اثاثن ۽ شهريت بابت وضاحتي بي??ن ۾ خاص صلاحڪار چيو ته پنهنجي موجوده ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ آمريڪا ناهيان ويو، مون کي آمريڪا مان ڪا به آمدني نه ٿي اچ??، منهنجي پرڏيهه ۾ ڪا به اربن يا لکن جي جا??يد??د ناهي. هن چيو ته منهنجي يا منهنجي خاندان وٽ پاڪستان کانسواءِ ڪنهن ملڪ ۾ ڪا به جا??يد??د ناهي، غلط فهمي نه ڦهلائي وڃي.