اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ڪووڊ 19 جي وبا جي ڪري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي صنعت ۽ ڪاروبار متاثر ٿيو آهي پر اسان وبا جي دوران ??پل??ئي چين کي بحال رکيو ته ??يئن مارڪيٽ ۾ ڪنهن قسم جي کوٽ نه ٿئي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پريس ڪ??نفرنس ڪندي حماد اظهر چيو ته ??ڪومب وبا جي دوران ڪاروبار، صنعت ۽ تعميرات جي شعبن کي بروقت کوليو ۽ ڪاروباري شعبي کي رليف ڏنو و??و جنهن تحٽ 30 کان 35 لک ايس ايم ايز جي بجلي ج ابل معاف ڪيا ويا جنهن سان ملڪ جا اڪثر ڪاروبار مستفيد ٿيا آهن، هلندڙ مالي سال لاءِ حڪومت نه رڳو ٽيڪس فري بجيٽ ڏنو آهي پر پهرين کان موجود ٽيڪسن جي شرح کي به گهٽ ڪيو و??و آهي، هزارين مصنوعات تي ڪسٽم ڊيوٽيز ختم ۽ سيلز ٽيڪس سميت ٻين ٽيڪسز ۾ به مراعتون ڏنيون ويون آهن، وفاقي حڪومت تعميرات جي شعبي لاءِ پيڪيج متعارف ڪرايو آهي جنهن سان نه رڳو تعميرات جو شعبو پر ذيلي صنعتن ۾ به بهتري ٿي آهي ۽ مون سون کانپوءِ ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، هن چيو ته ??ڪومت گذريل ٻن سالن جي دوران ٻه نيون پاليسيون متعارف ڪرايون آهن جنهن ۾ اليڪٽر?? وهيڪلز ۽ موبائيل مينوفيڪچرنگ جون پاليسيون شامل آهن.