اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جمهوريت ۽ سياسي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ نوجوانن جي شرڪت لازمي آهي، پنهنجي حڪومت جي دور ۾ پا??ست??ن جي بهترين مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نگران حڪومت سمورين قياص آرائين جي باوجود چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪئي جيڪي 8 فيبروري تي ٿينديون. هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران ڳالهائيندي هن چيو ته جمهوريت کي اڳتي وٺي وڃڻ جي لاءِ سياسي پارٽين جي قيادت جي چونڊ جمهوري انداز ۾ ٿيڻ گهرجي. پا??ست??ن ۾ جمهوريت جي تصور کي مختلف سببن ۽ سول ادارن جي ڍانچي ۾ ڪمزورين جي ڪري ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته افغان پناهگير ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پا??ست??ن ۾ رهيل آهن، پا??ست??ن افغانستان ۾ دوست حڪومت چاهي ٿو جيئن خطي جي ٻين ملڪن جي خواهش آهي. هڪ س??ال جي جواب ۾ هن چيو ته هن پنهنجي حڪومت جي دور ۾ بلوچستان، آزاد ڪشمير، خيبرپختونخواهه، سنڌ ۽ بلوچستان جي تعليمي ادارن جي شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي موقف کي ٻڌو. هن چيو ته بلوچستان ۾ سرگرم دهشتگرد گروپن جو موقف اخلاقيات ۽ پا??ست??ن جي آئين ۽ قانونن جي خلاف آهي. هن چيو ته لکين نوجوان پا??ست??ن ۾ پنهنجو مستقبل ڏسن ٿا، اڪثر ماڻهن بهتر ملازمتن ۽ معاشي سببن جي ڪري پا??ست??ن ڇڏيو. جيڪي ماڻهو ٻاهرئين ملڪ مان پرڏيهي ناڻو موڪلين ٿا اهي پا??ست??ن جو اثاثو آهن ۽ اهي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي يورپ ۽ اتر آمريڪا ۾ پنهنجي زندگي گذارڻ کانپوءِ پا??ست??ن واپس اچڻ چاهين ٿا. مستقبل ۾ وڌيڪ ماڻهو پا??ست??ن واپس ايندا ڇو ته انهن کي اسلامي ۽ اوڀر قدرن سان لڳاءُ آهي. هن چيو ته هن پنهنجي دور ۾ پا??ست??ن جي بهترين مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته نگران وزيراعظم جو عهدو ڇڏڻ کانپوءِ هو سينيٽ آف پا??ست??ن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ چاهيندو. هن چيو ته نگران حڪومت سمورين قياص آرائين جي باوجود چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪئي جيڪي 8 فيبروري تي ٿينديون.