اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي عوام ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان ڀارت جي پارليا??ين?? جي هيٺين ايوان لوڪ سڀا جي طرفان تڪراري سٽيزن شپ ترميمي بل جي منظوري ۽ اقليتن سان ڀارتي فاشست حڪومت جي غير انساني سلوڪ جي مذمت ڪري ٿو. صدر اهڙ?? خيالن جو اظهار سريلنڪا لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ميجر جنرل (ر) محمد سعد خٽڪ سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.