اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ جو سختي سان نوٽيس وٺ??دي ملاوٽ جي خلاف ايمرجنسي لاڳو ڪ??ي نيشنل ايڪشن پلان هڪ هفتي ۾ جوڙڻ جي هدايت ڪ??دي چيو آهي ته کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ ڪندڙ اسان جي عوام ۽ خاص طور تي اسان جي ٻارن جي صحت ۽ زندگين سان کيڏي رهيا آهن جنهن جي ڪنهن ??ه صورت ۾ اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، هن هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ ضرورت جي شين مثال طور ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻين فصلن جي طلب ۽ پ??چ جي ڪاٿن ۽ طلب ۽ پ??چ کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان ٺوس منصوباب??دي جي لاءِ قائم ڪيل خصوصي سيل قائم ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن جي جائزي، پرائس ڪنٽرول، ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري ۽ ملاوٽ جي روڪٿام جي حوالي سان اعليٰ سط??ي اجلاس دوران ڪيو.