اسلام آباد – 25 مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان کي ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ٽيليفون ڪئي ۽ ساڻس ڪراچي ۾ جهاز جي افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪندي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ترڪ قوم پاران پاڪستاني ڀائرن جي لاءِ ڀرپور حمايت جي عزم کي ورجايو. ??زي??اعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ترڪيءَ جي صدر ۽ ??زي??اعظم هڪ ٻئي کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ ڪ??رو??ا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي گڏجي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي اتفاق ڪيو. ??زي??اعظم عمران خان ترڪيءَ جي صدر کي پاڪستان ۾ ڪ??رو??ا وائرس جو ڦ??لاءُ روڪڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.