اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جدت تي ٻڌ?? انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جديد انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي جو سرڪار?? ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ ۾ اهم ڪردار آهي، چوٿين صنعتي انقلاب انٽرنيٽ، ورچوئل ريئلٽي ۽ مصنوعي ذهانت سان زندگي جو انداز بدلجي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سامونڊي معاملن و??ري وزارت جي ويب سائيٽ ج??ري ڪرڻ جي تق??يب کي خطاب ڪندي ڪيو.