اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان احساس راشن پورٽل، احساس لنگر، پناهه گاهه ايپس ۽ و??ير??عظم ڪورونا رليف فنڊ ويب سائيٽ سميت ٻين (ويب سائٽس ۽ ايپس) احساس قدمن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ا??هن قدمن جو مقصد ڪوويڊ 19 بابت رليف جي قدمن جي سلسلي ۾ حڪومت ۽ سول سوسائٽي جي بهتر حصيداري ۽ تعاون کي يقيني بڻائڻ آهي، اهي قدم شروع ڪرڻ جو بنيادي مقصد ڊونرز، فلاحي ادارن ۽ سرندي وارن کي سهولت ڏيڻ سان گڏوگڏ بااختيار بڻائڻ آهي ته جيئن ڪوويڊ 19 جي صورتحال ۾ اهي حڪومت سان وڌيڪ بهتر حصيداري تحت قدم کڻي سگهن. ان حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي و??ير??عظم عمران خان چيو ??ه حڪومت ڪوويڊ 19 کان معاشري جي متاثر طبقن جي مدد ۽ سپورٽ جي لاءِ عطيو ڪيل هر هڪ رپئي جي حوالي سان شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ??ه حڪومت ا??هن لاڳاپيل ايپس ۽ ويب سائٽس کي لائ??نچ ڪري شفافيت جي حوالي سان ڊونرز کي اعتماد فراهم ڪري رهي آهي. نئين لائ??نچ ڪيل پي ايم ويب سائٽ بابت هن چيو ??ه ان تي سمورن فائدو کڻندڙن جي فهرست شايع ڪئي ويندي. هن واضح ڪيو ??ه احساس پروگرام ۾ به شفافيت کي يقيني بڻايو ويو ??هي. و??ير??عظم عمران خان ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ سندس ٽيم جي احساس ڪيش پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ??ه پروگرام تحت رقم جي شفاف ۽ موثر پهچ کي يقيني بڻايو ويو ??هي.