اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ سياحت جي عالمي ??هاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان پوري دنيا سان گڏجي سياحت جو عالمي ??هاڙو ملهائي رهيو آهي جيڪو خوشي جوڳو آهي. هلندڙ سال سياحت جي عالمي ??هاڙي جو موضوع سياحت ۽ ڳوٺاڻ?? ترقي چونڊيو ويو آهي. هر سال گڏيل قومن جي عالمي سياحت جي اداري (يو اين ڊبليو ٽي او) جي اهتمام هيٺ اهو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو جنهن جو مقصد معاشري، ثقافت ۽ ڪنهن به ملڪ جي معاش?? ترقي تي سياحت جي اثرن جي حوالي سان عالمي برادري ۾ آگاهي ۽ شعور اجاگر ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان جهڙن ملڪن جي وڌيڪ آبادي ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهي ٿي ۽ هلندڙ سال سياحت ۽ ڳوٺاڻ?? ترقي جي موضوع تي ملهائجندڙ عالمي ??هاڙي جي مناسب سان سياحت سماجي ۽ معاش?? ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.