اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته واضح طور چوان ٿو ته عمران خا?? 5 سال پورا ڪندو ۽ معاشي حالتون بهتر ڪري قوم کي اڳتي وٺي ويندو جنهن کي لانگ مارچ ڪرڻو آهي ڪري وٺي، اسلام آباد اچڻو آهي ڀلي اچي اسين آجيان لاءِ تيار آهيون. اهڙو اظهار هن آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. گهرو وزير چيو ته آجياڻي واري ناشتي تي اوهان جو دلي طور ٿورائتو آهيان، انشاءَ الله 70 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 23 ڊسمبر تي وزيراعظم پوليس لائنز ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪندو. عمران خا?? جو ڪريڊٽ آهي ته پوليس کي پهريون ڀيرو ايتري عزت ۽ـ مانُ ملي پيو. هن چيو ته هڪ لک سُڃاڻپ ڪارڊ روز جاري ٿيندا ۽ پهريون ??فت جاري ٿيندو. اسلام آباد ۾ 3 کان سواءِ س??ور??ون چيڪ پوسٽون ختم ڪري ڇڏيون آهن، 23 ڊسمبر تي وزيراعظم فنڊ ڏيندو ته س??ور??ون چيڪ پوسٽون ختم ڪري ڇڏينداسين، س??ور?? تعلقن ۾ سُڃاڻپ ڪارڊ آفيسو?? کوليون ??ينديون جيڪي تعلقه رهجي ويا آهن اتي هر هفتي هڪ آفيس کولي ويندي. 10 ملڪن ۾ سُڃاڻپ ڪارڊن ۽ پاسپورٽ جو انتظام آهي، سڄي دنيا ۾ پرڏيهي وزارت سان گڏجي سُڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو نظام بهتر ڪنداسين ۽ وڌيڪ آفيسو?? کولينداسين. هن چيو ته وزيراعظم مون ??ٿان اعتماد ڪيو آهي، 100 ڏينهن ۾ گهرو وزارت ۾ تبديلي ايندي. اميگريشن، نادرا، پاسپورٽ، ايف آءِ اي سمورا ادارا قومي جي خدمت لاءِ هوندا.