اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) حڪومت جي اتحادي پارٽين ملڪ جي ??هت??ي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي مڪمل حمايت جو عزم ظاهر ڪندي سينيٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي حوالي سان وزيراعظم جي فيصلي جي ڀرپور حمايت کي ورجايو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، هائوسنگ وارو وفاقي وزير طارق بشير چيما، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت و??رو وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات و??رو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر ??ڻ موجود هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۽ اتحادي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. حڪومتي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ سينيٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي حوالي سان وزيراعظم جي فيصلي جي ڀرپور حمايت کي ورجائيندي ملڪ جي ??هت??ي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ مڪمل حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو.