ڪراچي – 23 اپريل (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي لاءِ ??فاقي حڪومت پاران شروع ڪيل ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي امن امان، عوامي ڀلائي جي قدمن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن سميت صوبي جي مجموعي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر چيو ته عوام جي مسئلن جي حل لاءِ سڀني سياسي نمائندن کي ذميداري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.