اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اليڪشن ڪم??شن جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن (اي وي ايم) جي استعمال ۽ اوورسيز پا??ست??نين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي سهولت لاءِ اختيار ڏيڻ بابت 2 آرڊيننس، سنڌ حڪومت جي درخواست تي سنڌ ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد جي لاءِ فوج مقرر ڪرڻ، عيدالفطر تي قيدين کي سزائن ۾ 90 ڏينهن معافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سرڪاري ملازم نوڪري تان استعيفيٰ ڏيڻ کانسواءِ ايم پي ون ۽ ايم پي ٽو اسڪيل حاصل ڪرڻ، آءِ پي پيز کي رهتن جي مد ۾ 40 سيڪڙو ادا ڪرڻ ۽ پاڪ سعودي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ سپريم ڪوآرڊين??شن ڪميٽي کي فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي اجلاس جي ڪارروائي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان اجلاس شروع ??يڻ تي هدايت ڪئي ته بزرگ ماءُ پيءُ جي تحفظ جي حوالي سان قانونسازي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پا??ست??نين کي راءِ جي حق جو اختيار ڏيڻ جي هوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي.