اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي فلسط??ني عوام تي اسرائيلي جارحيت جي سخت ل??ظن ۾ مذمت ڪندي هڪ متفقه قرارداد جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، او آءِ سي ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته فلسطين تي اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪرائڻ جي ل??ءِ فوري طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪن، فلسطينين جي نسل ڪشي، انهن جي پنهنجي علائقن مان جبري بيدخلي ۽ فلسطين جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي عمل کي فوري طور تي روڪيو وڃي، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل اسرائيلي حڪومت پاران فلسط??ني عوام جي خلاف نسل ڪشي جي ڏوهه جي جاچ جي ل??ءِ آزاداڻو انڪوائري ٽربيونل قائم ڪري. قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي فلسطين تي اسرائيلي جارحيت جي خلاف مذمتي قرارداد پيش ڪندي چيو ته هي ايوان اسرائيل پاران فلسطين جي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ معصوم فلسط??ني عوام تي منظم ظلم ۽ ڏاڍ جي سخت ل??ظن ۾ مذمت ڪري ٿو.