اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته پاڪستان افغانستان مان آ??ري??ي خوج جي نڪرڻ کانپوءِ سرحد پار دهشتگ??دي جي خاتمي جي ڪاررواين ??ي لاءِ آ??ري??ا کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندو. اها ڳالهه هن آ??ري??ي ٽيليويزن کي هڪ انٽرويو ۾ چئي جيڪو اڄ آچر ڏينهن شام 6 وڳي نشر ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان کان ”ايگزياس آن اي?? بي او“ ۾ جوناٿن سوان سوال ڪيو ته ڇا توهان آ??ري??ي حڪومت جي القاعده، آءِ ايس آءِ ايس يا طالبان جي خلاف سرحد پار دهشتگ??دي جي خاتمي جي ڪاررواين ??ي لاءِ پاڪستان ۾ سي آءِ اي جي موجودگي جي اجازت ڏيندا؟ جنهن تي وزيراعظم عمران خان چيو ته بلڪل نه، اسان پاڪستاني سرزمين تان افغانستان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪارروائي يا اڏا ڏيڻ جي هرگز اجازت نه ڏينداسين. انٽرويو ڪندڙ حيران ٿي پنهنجو سوال ورجايو ۽ پڇيو ته ڇا توهان اها ڳالهه سنجيدگي سان چئي رهيا آهيو جنهن تي وزيراعظم واضح ڪري ڇڏيو ته پاڪستان قطعي طور ان جي اجازت نه ڏيندو.