اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي مفاد کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ا??افو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عوامي ريليف جي ڏس ۾ اوگرا ۽ ناڻي واري وزارت پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ا??افي جي تجويز رد ڪري ڇڏي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اوگرا عالمي منڊي ۾ پيٽروليم جي وڌندڙ قيمتن جي ڏس ۾ پهرين نومبر کان پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 11.53 رپيا، هائي اسپيڊ ڊيزل 8.49 رپيا، گاسليٽ 6.29 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل 5.72 رپيا وڌائڻ جي تجويز ڏني هئي جڏهن ته وزيراعظم تجويز ڪيل اضافي کي رد ڪندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن کي وڌائڻ کان روڪي ڇڏيو. ح??وم?? عالمي سطح تي وڌندڙ مهانگائي جو بار عوام تي منتقل ڪرڻ بدران عوام جي ريليف کي ترجيح ڏئي رهي آهي. اوگرا پارا?? تجويز ڪيل تازي اضافي جي مد ۾ عوام تي پوندڙ بار کي ح??وم?? پاڻ برداشت ڪري رهي آهي.