ڪوئيٽا – 15 – نومبر (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بلوچستان اسٽريٽجڪ لحاظ کان وڏي اهميت رکندڙ صوبو آهي، صوبي ۾ سياحت جا وسيع امڪان آهن ان لاءِ گلگت بلتستان جي طرز تي بلوچستان ۾ به سياحت کي هٿي ڏيڻي پوندي، ڪو??وان وائرس جي وبا جو قوم گڏجي مقابلو ڪيو ڇو ته ڪو??ونا وائرس وڏي آزمائش هئي جنهن ۾ خدا اسان کي ڪاميابي ڏني، وزيراعظم عمران خان جو واحد ليڊر آهي جنهن عام ماڻهو جي تڪليفن جو احساس ڪندي پاڪستان ۾ مڪمل لاڪ ڊائون نه هنيو، وفاق کي بلوچستان جي مسئلن جو ادراڪ آهي جنهن کي جلد حل ڪرڻ جي لاءِ ڪو??ش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪو??يٽا ۾ قبائلي اڳواڻن، واپاري نمائندن ۽ ٻين طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر سيد ظهور احمد آغا، صوبائي وزير سردار صاله ڀوتاڻي، محمد خان لهري، مبين خان خلجي، ظهور احمد بليدي، صوبائي محتسب نذر محمد بلوچ، ايم ڊي بلوچستان ايجوڪيشن فائونڊيشن پروفيسر شير زمان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڳالهين ذريعي ئي عوامي مسئلن جو بهتر حل ڳولي سگهجي ٿو اڄ جي ويهڪ انهي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. وقت ڏيڻ ۽ گورنر هائوس اچڻ تي قبائلي اڳواڻن جو ٿورائتو آهيان. عام ماڻهو جي مسئلن جو ادراڪ حڪومت جو فرض آهي. روانگي واپار ۽ آمدني واپار ۾ توازن آڻڻو پوندو حڪومت روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عمران خان دنيا جو واحد وزيراعظم آهي جنهن ڪوويڊ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪئي. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بلوچستان وسيلن سان مالامال آهي. بلوچستان ۾ سياحت جا وسيع امڪان آهن ان لاءِ اسان کي گلگت بلتستان جي طرز تي بلوچستان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻي پوندي. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت 20 ارب رپين جا آسان قرض ڏنا ويا. پاڻي جي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ري سائيڪلنگ جي ضرورت ??هي. اسان کي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ روايتي طريقن کان هٽي ڪم ڪرڻو پوندو. هنچ يو ته سوئي گئس مان پوري ملڪ فائدو کنيو پر بلوچستان وڌيڪ فائدو نه ک??ي سگهيو اسان کي بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ جديد طريقا اختيار ڪرڻا پوندا. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت زرعي شعبي ۾ وڏي سبسڊيز ڏيندي آهي. وفاق کي بلوچستان جي مسئلن جو مڪمل ادراڪ آهي جلد حل ڪرڻ جي لاءِ ڪو??ش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته سيڪيورٽي هوندي آهي تڏهن ئي سيڙپڪاري ايندي آهي. هن چيو ته وسيلن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻو آهي. نوجوانن کي نوڪرين جي لاءِ ڪامياب جوان اسڪيم بهتر پروگرام آهي جنهن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت ??هي. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گذريل سال ڪامياب جوان پروگرام جي ذريعي 20 ارب رپين جا ننڍا قرض ڏنا ويا. بلوچستان جي بارڊر تي قانوني واپار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ واپارين جي تجويزن بابت واپار واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن آڏو معاملو رکندس. بلوچستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ روزگار جا وڏا موقعا موجود آهن جنهن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت ??هي. بعد ۾ قبائلي اڳواڻن پاران صدر کي بلوچستان جي روايتي پڳ پارائي وئي. قبائلي اڳواڻن ۽ واپارين صدر کي صوبي جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي قبائلي اڳواڻن، ڪو??يٽا چيمبر آف ڪامرس جي نمائندن، سول سوسائٽي جا مسئلا ڌيان سان ٻڌا ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.