اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه ع??وي خصوصي ٻارن کي معاشري پاران انتهائي سارسنڀال ۽ زندگي جي سمورن شعبن ۾ موقعا رکندڙ مجموعي ماحول مهيا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻار دنيا جو مستقبل آهن ۽ ان جي حقن کي يقيني بڻائڻ سڀني جي ذميداري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ”الشفا ٽرسٽ جي بهادر ٻارن کي خراج تحسين“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لا??ينز (پي آءِ اي) ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) جي سهڪار سان فنڊ ريزنگ جي تقريب ۾ الشفاءَ ٽرسٽ جي سرگرمين کي اجاگر ڪيو ويو جيڪو ذهني ۽ جسماني معذوري جو شڪار ٻارن جي سارسنڀال، بحالي ۽ خصوصي اسڪولنگ جي ضرورتن کي پورو ڪنديون آهن. بيگم ثمينه ع??وي ذهني مرض ۾ مبتلا ٻارن جي لا??ِ سهولتن جي کو?? جي حوالي سان معاشري ۾ وڌندڙ رجحانن جي نشاندهي ڪئي. هن چيو ته حڪومت مختلف پروگرامن جي ذريعي معذور ماڻهن سميت عوام جي خدمت لا??ِ پرعزم آهي، هن ٻڌايو ته گڏيل قومن موجب ڪل آبادي جو 15 سيڪڙو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ معذوري جو شڪار آهي جنهن مان 80 سيڪڙو ترقي پذير ملڪن ۾ رهن ٿا. هن انهن قدمن جي حمايت ڪرڻ تي زور ڏنو جنهن جو مقصد جسماني ۽ ذهني چئلينجن جي ور چڙهيل ٻارن کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي، بيگم ثمينه ع??وي ذهني مرض ۾ مبتلا ٻارن جي بحالي لا??ِ الشفاءُ ٽرسٽ جي ڪوششن کي ساراهيو. هن ڪراچي ۾ الشفاءُ ٽرسٽ جي ڪمپليڪس جي اپ گريڊيشن تي جاري ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هي ملڪ جي بهترين بحالي مرڪزن مان هڪ ثابت ٿيندو. پي آءِ اي جي سي اي او ۽ الشفاءُ ٽرسٽ جي چيئرمين ايئر مارشل (ر) ارشد ملڪ چيو ته بحالي مرڪز ڪمزور خ??ند??نن ۽ ذهني ۽ جسماني مشڪلاتن ۾ مبتلا ٻارن جي مدد ڪري معاشري ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيو آهي، هن ٻڌايو ??ه الشفاءُ جي انسٽرڪٽرز اهڙن ٻارن کي ”فرشتو ۽ پوپٽ“ سمجهندا آهن ۽ انهن سان انتهائي احتياط ۽ محبت سان پيش ايندا هئا، هن خيرات جي عظيم مقصد جي حمايت ڪرڻ تي بيگم ثمينه ع??وي کي خراج تحسين پيش ڪيو.