اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هڪ مستحڪم افغانس??ان ئي خطي جي لاءِ بهتر آهي، افغانس??ان جي موجوده صورتحال انتهائي سنگين آهي، افغان عوام جي مدد ڪرڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي، افغانس??ان مان پاڙيسري ملڪن ۾ پناهگيرن جي اچڻ کي روڪڻ جي لاءِ افغانس??ان ۾ مستحڪم حڪومت ضروري آهي، پاڪس??ان اڳ ۾ ئي 30 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي چئن ڏهاڪن کان ميزباني ڪري رهيو آهي، هر معاشري ۾ انساني ۽ عورتن جي حقن جو تصور مختلف آهي، اسان کي انهن حقن جي حوالي سان حساسيت جو ادراڪ ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن ڪا حڪومت پنهنجي ملازمن، طبي عملي کي پگهارون نه ٿي ڏئي سگهي ته اها مستحڪم نه ٿي رهي سگهي، اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي فلسطين ۽ ڪشمير جي تڪرار جي حل لاءِ لاڳاپيل قراردادن تي زور ڏيڻ گهرجي، اسلامو فوبيا هڪ اهم مسئلو آهي، نائن اليون کانپوءِ اهو خطرناڪ حد تائين وڌي چڪو آهي، او آءِ سي ان جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، افغانس??ان جي موجوده بحران مان نڪرڻ جي لاءِ پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ٺوس حڪمت عملي جوڙي، اميد آهي ته او آءِ سي پرامن افغانس??ان جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هو اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس کي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ، اسلامي ترقياتي بئنڪ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر، گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان، ترڪيءَ جي پرڏيهي وزير ميولت ڪائوسگلو، اردن جي پرڏيهي وزير ايمن الصفدي، نائجير جي پرڏيهي وزير يوسف محمد ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم عمران خان سمورن شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جو هي غيرمعمولي اجلاس افغانس??ان جي موجوده بحران تي غور جي لاءِ طلب ڪيو ويو آهي. جيتريون مشڪلاتون افغانس??ان جي عوام ڏٺيون ڪنهن ٻئي ناهن ڏٺيون. افغانس??ان جي حالتن جي ڪري سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڪس??ان کنيو، افغانس??ان چار ڏهاڪن کان گهرو ويڙهه جو شڪار آهي، ه??ان جي هڪ وڏي آبادي لڏپلاڻ ڪئي. دنيا جي ڪنهن ملڪ افغانس??ان کان وڌيڪ مسئلا ناهن ڏٺا. هن چيو ته اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته ڪانفرنس ۾ شريڪ سمورا مهمان افغانس??ان جي صورتحال کان آگاهه آهن. هن چيو ته افغانس??ان جو بئنڪنگ جو نظام جمود جو شڪار آهي، ڪنهن به ملڪ جي بئنڪنگ جي نظام ۾ جمود سان ان ملڪ ۾ استحڪام نه ٿو اچي سگهي. افغانس??ان جو مسئلو 4 ڪروڙ انسانن جو مسئلو آهي. افغانس??ان جي موجوده بحران ۾ اڳ ۾ ئي دير ٿي چڪي آهي. هتي قائم ٿيندڙ ٺوس حڪومت جي عبوري پرڏيهي وزير لاڳو ڪيل ٽن شرطن جي حل جي عزم جو اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته هر معاشري ۾ انساني حقن ۽ عورتن جي حقن جو تصور آهي. پاڪس??ان ۾ خيبرپختونخواهه جو ڪلچر افغانس??ان سان هڪ جهڙائي رکندڙ آهي. شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي ڪلچر ۾ واضح فرق آهي. پشاور جو ڪلچر افغانس??ان سان ملندڙ پاڪس??ان جي شهرن کان مختلف آهي. اسان کي انساني ۽ عورتن جي حقن جي حوالي سان حساسيت جو ادراڪ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته افغانس??ان ۾ حڪومت وٽ پنهنجي ملازمن ايستائين جو ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي کي ڏيڻ جي لاءِ پگهارون نه آهن. اهڙي طرح ڪا حڪومت مستحڪم نه ٿي رهي سگهي. افغانس??ان مان پاڪس??ان ۾ دهشتگردي جي روڪٿام جي لاءِ اتي هڪ مستحڪم حڪومت جي ضرورت آهي. پاڪس??ان افغان جنگ کانپوءِ 80 هزار جانين جي قرباني ڏني آهي. 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ معاشي نقصان کنيو. 30 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي مسلسل چار ڏهاڪن کان ميزباني ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن افغانس??ان ۾ امن ۽ استحڪام نه آيو ته وڌيڪ پناهگير اچي سگهن ٿا. پوري دنيا کي پناهگيرن جو مسئلو درپيش آهي. ايران به افغانس??ان ۾ عدم استحڪام جي ڪري وڌيڪ پناهگيرن کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ترقي يافته ملڪن جي لاءِ پناهگير مسئلو آهي ته پاڪس??ان جهڙا غريب ملڪ ڪيئن لکين پناهگيرن جي ميزباني برداشت ڪري سگهن ٿا. اميد آهي ته او آءِ سي پرامن افغانس??ان جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم چيو ته اسلامي ترقياتي بئنڪ جي چيئرمين پاران فوري ۽ ڊگهي مدي وارا قدم اهم آهن. هن چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جا پرڏيهي وزير افغانس??ان جي موجوده بحران جي حل لاءِ هڪ واضح روڊ ميپ سان سامهون اچن ته جيئن افغانس??ان ۾ ان بحران جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين جي عوام اسان طرف ڏسي رهي آهي. انهن جا انساني ۽ جمهوري حق پائمال ڪيا پيا وڃن. انهن کي گڏيل قومن پاران ڏنل حقن تي پڻ عملدرآمد نه ٿي سگهيو. اسان کي اسلامي تعاون تنظيم جي فورم ??ان ان حوالي سان به ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اسلامو فوبيا دنيا ۾ تمام وڏو مسئلو آهي. ان جي شروعات نائن اليون کانپوءِ ٿي جيڪو هاڻي خطرناڪ حد تائين پهچي چڪو آهي، نيوزيلينڊ جي هڪ مسجد ۾ 50 کان وڌيڪ مسلمانن کي شهيد ڪيو ويو اولهه ۾ اسلام جي پيغام کان آگاهي نه آهي جنهن سان اسلام جو فهم نه هجڻ جي ڪري خال وڌي رهيو آهي. او آءِ سي جي لاءِ اها ڳالهه اهم آهي ته اها ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اولهه اسلام جي خلاف پروپئگنڊه ڪري ٿو، رحمت للعالمين اٿارٽي سڄي دنيا جي مسلمان دانشورن سان مشاورت ڪري ان جو جواب ڏيندي. وزيراعظم چيو ته اسان رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهي آهي. اها اٿارٽي سڄي دنيا جي مسلمان اسڪالرز سان مشاورت ڪري اسلام جي حقيقي تشخص کي اجاگر ڪندي. هن چيو ته اسلام هڪ آهي ۽ اهو اسلام اسان جي نبي ڪريم ﷺ جو آهي، نبي ڪريم ﷺ دنيا جي سمورن انسانن جي لاءِ رحمت للعالمين آهن، جهڙي طرح ا??له تعاليٰ سمورن انسانن جي لاءِ رب العالمين آهي اهڙي طرح حضور ﷺ رحمت للعالمين آهن. هن چيو ته اسان کي رحمت للعالمين اٿارٽي سان سڄي دنيا ۾ اسلام جو اصل تصور اجاگر ڪرڻو آهي. هن او آءِ سي جي ميمبر ملڪن کي چيو ته اهي افغانس??ان کي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙين، افغانس??ان جي مدد ڪرڻ اسان جو مذهبي فرض آهي، افغانس??ان جي وڏي آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ آهي، اهو افغان عوام جي بقاءَ جو مسئلو آهي، افغان عوام جي مدد ڪرڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي، افغانس??ان جي موجوده صورتحال انتهائي سنگين آهي. هن چيو ته پوري دنيا وانگر ??سان جي معيشت به ڪورونا کان متاثر ٿي آهي.