اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن ??و غير معمولي اجلاس افغانستان جي لاءِ فوري انساني ۽ اقتصادي امداد جي ضرورت تي ڌيان ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته اها ڪانفرنس اسان جي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن ??ي ڀلائي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم جو عڪاس آهي، معيد يوسف چي?? ته اسان اجلاس کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سمورن مسلمان ملڪن، سهڪاري ملڪن ۽ عالمي ادارن ??ي نمائندن جو ٿورو ادا ڪريون ٿا. هن ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پرڏيهي وزارت جي سموري ٽيم کي ??بارڪب??د پيش ڪئي.